شاهه جو پيغام

شاهه جو پيغام

شاهه جو پيغام

شاهه جو پيغام (ڪتاب): هيءُ ڪتاب حافظ محمد احسن چنا جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ شاهه لطيف جي مختلف سُرن تي مقفيٰ نثر، مسجع صنعت ۽ تجنيس حرفيءَ ۾ لکيل مضمون شامل آهن، جن ۾ مارئيءَ جي ملير ۽ مارن سان محبت، سهڻيءَ جي سِڪ، سسئيءَ جا سُور، نوريءَ جو نياز، ليلان جو لاڏ، مومل جو مانڊاڻ، سورٺ ۽ سِرَسوالي، کاهوڙين جي کانڌ، قريبن جو قاصد، سڄڻ جو سفر، عاشق جو احوال، ڪت ۽ ڪنب، جوڳين جي جدائي، وکر وهائڻ، سارنگ جي سنڀار، اکين جو آرو، پتنگ جو پچڻ، پشيماني ۽ پڇتاءُ وغيره موضوع ڏنل آهن. هيءُ ڪتاب پرائمري ۽ مڊل اسڪولن سميت ٽريننگ ڪاليجن، بي. اي (آنرس) ۽ ايم. اي جي نصاب لاءِ لازمي ڪيل هو. ڪتاب جي ابتدا ۾ مصنف جي عرض حال سان گڏ آغا تاج محمد، پير حسام الدين شاهه راشدي، محبوب علي چنا، ڪريم بخش چنا، طالب الموليٰ، محمد ابراهيم ‘خليل’ ۽ مولوي عبدالواحد سنڌيءَ جا ڪتاب بابت رايا ۽ تبصرا شامل آهن. جڏهن ته آخر ۾ ڪتاب بابت مولانا مولوي دين محمد، اجمل بيگ مرزا، احمد خان آصف، حاجي عبدالرحمان انجم هالائي ۽ پير علي محمد ‘اظهر’ جون لکيل قطع تاريخون شامل ٿيل آهن.
هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1958ع ۾ ۽ هيءُ چوٿون ڇاپو 1970ع ۾ احسن پبليڪيشن دادوءَ مان شايع ٿيو. ڪرائون سائيز جي 124 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت هڪ روپيو 8 آنا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو